ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ حضرت علي ڪرم الله وجه جو شهادت ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو.
امام علي عه جي شهادت جي ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ ماتمي جلوس ڪڍيا ويا ۽ مجلسن جو اهتمام ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان برآمد ٿيو، جيڪو کارادر ۾ امام بارگاهه حسينيه ايرانيان ۾ پڄاڻي تي پهتو.
جلوس جي گذرگاهن تي ايندڙ گهٽين ۽ روڊن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو، جڏهن ته جلوس جي روٽ تي ايندڙ سمورا دڪان پڻ بند ڪيا ويا هئا ۽ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام هئا.
لاهور ۾ مرڪزي جلوس مبارڪ حويلي اڪبري گيٽ کان برآمد ٿيو، جيڪو ڪربلا گامي شاهه تي پڄاڻي تي پهتو، پشاور ۽ راولپنڊي ۾ نڪتل مرڪزي جلوس به پنهنجي مقرر رستن کان ٿيندا پڄاڻي تي پهتا.
You might also like