لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيف آپريٽنگ آفيسر (سي اي او) سمير احمد چيو آهي ته هو چيمپيئنز ٽرافي فائنل جي انعام ورهائڻ واري تقريب جي موقعي تي دبئي ۾ موجود هو، پر کيس نه سڏايو ويو ان جي پٺيان ڪير هو سڀني کي خبر آهي.
لاهور ۾ ٽيلينٽ هنٽ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي سي اي او سمير احمد ٻڌايو ته پروگرام لاءِ رجسٽريشن جو عمل 10 اپريل کان 10 مئي تائين جاري رهندو.
هن وضاحت ڪئي ته سيپٽمبر-آڪٽوبر ۾ ٽيلينٽ هنٽ پروگرام ذريعي چونڊ ٿيل ٻارن لاءِ هڪ ٽورنامينٽ ڪرائي ويندي، جنهن ۾ ون ڊي ميچون في اننگز 40 اوورن تي مشتمل هونديون.
سندس چوڻ هو ته هي پروگرام گراس روٽ ليول تي ٽيلينٽ جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڏيندو، جيئن جيڪي رانديگر سامهون اچڻ کان رهجي ويندا آهن تن کي به موقعو ملي.
چيف آپريٽنگ آفيسر ٻڌايو ته ٽورنامينٽ جا انتظام ۽ مالي سهڪار پي سي بي فراهم ڪندو، جڏهن ته نوان رانديگر قومي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ تجربيڪار ڪوچز موجود آهن، جن کان مڪمل فائدو ورتو ويندو، جڏهن ته پروگرام ۾ ”سپر ڪيڊر ڪيٽيگري“ به متعارف ڪرائينداسين، جنهن تحت اسڪولن ۽ ڪاليجن جي 10 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شامل ڪيو ويندو.
چيمپيئنز ٽرافي فائنل جي انعام ورهائڻ واري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي نه ملڻ بابت سوال تي، سي اي او سمير احمد جو چوڻ هو ته هو فائنل جي موقعي تي موجود هو پر کيس تقريب ۾ شامل نه ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته آءِ سي سي کان ان تي وضاحت طلب ڪئي وئي آهي، ڇو ته هي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي انتظامي ناڪامي هئي.
هن وڌيڪ چيو ته ”ان جي پٺيان ڪير هو سڀني کي خبر آهي، اِهو عمل غير مناسب هو تنهنڪري اسان باضابطا طور آءِ سي سي کان جواب گهريو پر مطمئن ڪندڙ وضاحت نه ملي، ان ڪري ٻيهر خط لکي وضاحت طلب ڪئي وئي آهي.“
قذافي اسٽيڊيم جي نئين تيار ٿيندڙ وي آءِ پي انڪلوزر جي واش روم جي ڇت ٽمڻ بابت سوال تي سمير احمد وضاحت ڪندي چيو ته ٺيڪيدار کان روف ٽريٽمينٽ ۾ ڪوتاهي ٿي هئي، جنهن سبب ڇت ٽمڻ لڳي، هاڻي ان جي مرمت ڪرائي وئي آهي ۽ ٺيڪيدار کان ليڪيج جي نقصان جو ازالو به طلب ڪيو ويو آهي.