بي جي پي اڳواڻ زال ۽ ٽن ٻارن کي گولي هڻي ڇڏي

اتر پرديش جي سهارنپور جي علائقي گنگوه ٿاڻي جي حدن ۾ بي جي پي اڳواڻ يوگيش روهيلا پنهنجي ٽن معصوم ٻارن ۽ زال کي گولي هڻي ڇڏي.
يوگيش سڀني کي مٿي ۾ گولي هنئي، سندس 11 ورهين جي ڌيءُ ۽ 4 ۽ 6 ورهين جا ٻه پٽ مارجي ويا، جڏهن ته زال سخت زخمي آهي.
واقعي تي اطلاع تي پوليس پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب يوگيش روهيلا پنهنجي زال نيها، ڌيءُ شرڌا، پٽن شيونش ۽ ديونش کي مٿي ۾ گولي هنئي، جنهن کانپوءِ سڀئي زمين تي ڪري پيا.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته جوابدار واردات کانپوءِ نه رڳو فون کي پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو پر هن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو، پوليس ان جو لائسنس وارو پسٽل به پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي.
پڇا ڳاڇا دوران جوابدار چيو ته کيس پنهنجي زال جي ڪردار تي شڪ هو، جنهن سبب ڪيترائي ڀيرا جهيڙو به ٿيو هو، اڄ وري جهيڙو ٿيو ۽ مان ڪاوڙ ۾ اچي زال ۽ ٻار کي گولي هنئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.