هاڻي سڀ ڪم سولا، جي ميل ۾ اهم ٽول متعارف

انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل پنهنجي اي ميل سروس ”جي ميل“ ۾ هٿرادو ذهانت ( اي آءِ ) جو هڪ نئون ٽول متعارف ڪرائي ڇڏيو.
گوگل طرفان جاري ڪيل بيان موجب، جي ميل ۾ هاڻي پراڻيون ۽ گهربل اي ميلز تيزيءَ سان ڳولڻ لاءِ اي آءِ فيچر پيش ڪيو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته نئون اي آءِ فيچر واهپيدارن کي نه رڳو پراڻيون گهربل اي ميلز ڳولڻ ۾ مدد ڏيندو، پر ساڳي نوعيت جون ٻيون لاڳاپيل اي ميلز به جلد هٿ ڪري ڏيندو.
ان کانسواءِ ، هي اي آءِ ٽول سرچ ڪيل لفظن کي نظر ۾ رکندي واهپيدارن جي ڪنهن به اداري يا فرد سان ٿيل اي ميل مٽاسٽا جا تفصيلي نتيجا به فراهم ڪندو.
گوگل موجب، جي ميل تي اي ميل سرچ ڪرڻ جو نئون اي آءِ فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي پر في الحال سڀني واهيپدارن کي ان تائين پهچ نه ملي آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته مرحيلوار ايندڙ ڏينهن ۾ سڀني جي ميل واهپيدارن کي هي نئون ٽول مهيا ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.