چيمپيئنز ٽرافي فائنل ۾ پاڪستاني نمائندا نظرانداز ڇو؟ پي سي بي کي آءِ سي سي ٻيو خط لکي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل تقريب ۾ ميزبان ملڪ کي نظرانداز ڪرڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) کي هڪ ٻيو خط لکي ڇڏيو.
گذريل ڏينهن لاهور ۾ پي سي بي جي ايڊوائيزر چيئرمين عامر مير ۽ چيف فنانس آفيسر (سي ايف او) پريس ڪانفرنس ڪندي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني تي پاڪستان کي ٿيندڙ نقصان بابت ڀارتي رپورٽن کي ڪوڙو قرار ڏنو.
پي سي بي چيمپيئنز ٽرافي دوران ۽ ان کانپوءِ ٿيندڙ ناڪاري پروپيگينڊا تي ڀارتي ميڊيا تي سخت تنقيد ڪندي ان پاڪستان بدنام ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو.
ان موقعي تي پي سي بي چيئرمين جي صلاحڪار عامر مير چيو ته چيئرمين محسن نقوي صحت جي مسئلن سبب آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي پڄاڻي تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو ان ڪري هن سمير احمد کي نمائندو مقرر ڪيو، جنهن کي اهم تقريب جي اسٽيج تي نه گهرايو ويو.
ان معاملي کي آءِ سي سي سان لکت ۾ سوال اٿاريو ويو، جنهن جو جواب عالمي ڪرڪيٽ باڊي طرفان مليو، پر چيئرمين پي سي بي محسن نقوي انهيءَ جواب مان مطمئن نه ٿيو، تنهنڪري ٻيهر هڪ خط لکيو ويو جنهن جي جواب جو انتظار آهي.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ ٽورنامينٽ ڊائريڪٽر سمير احمد سيد جي اسٽيڊيم ۾ موجود هئڻ جي باوجود انعام ورهائڻ واري تقريب لاءِ نه سڏيو ويو هو.
تقريب ۾ بي سي سي آءِ جي صدر راجر بني، سيڪريٽري ديوجيت ، نيوزيلينڊ جي اڳوڻي رانديگر راجر ٽووز ۽ آءِ سي سي چيئرمين جئه شاهه کي دعوت ڏني وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.