ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاق ۽ پنجاب حڪومت کانپوءِ سنڌ سرڪار به عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، سنڌ ۾ 31 مارچ کان 2 اپريل تائين عيدالفطر جون موڪلون هونديون. پنجاب ۾ به 31 مارچ سومر کان 2 اپريل اربع تائين موڪلون اعلان ڪيو ويو آهي..
ان کان اڳ وفاقي حڪومت به عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪيو هو، جيڪي سومر 31 مارچ کان اربع 2 اپريل تائين هونديون.
واضح رهي ته موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته هن سال رمضان المبارڪ 29 ڏينهن جو هوندو، جنهن سبب 31 مارچ تي عيدالفطر ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته 30 مارچ تي شوال جو چنڊ نظر ايندو.
You might also like