اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۾ واڌ جي سمري منظور ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، بل جي منظوري کانپوءِ وفاقي وزير، مملڪتي وزير ۽ صلاحڪار جي پگهار 5 لک 19 هزار رپيا ٿي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ صلاحڪارن جي پگهارن ۾ 188 سيڪڙو تائين واڌارو ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ٻه مهينا اڳ پارليامينٽ ميمبرن جي پگهار ۽ سهولتن کي وفاقي سيڪريٽري جي برابر ڪرڻ بابت مالي ڪميٽي ايم اين ايز ۽ سينيٽرز جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني هئي.
اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي مالي ڪميٽي متفقه طور تي منظوري ڏني هئي.
You might also like