ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مسلسل چئن ڏينهن تائين واڌ بعد اڄ في تولي سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون ٻه هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 18 هزار 8 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 1715 رپيا لاٿ بعد 2 لک 73 هزار 319 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾به في اونس سون 19 ڊالر گهٽتائي بعد 3 هزار 31 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like