لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جو سعودي عرب جو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي.
پارٽي ذريعن موجب، نواز شريف جو دورو سندس صحت جي صورتحال سبب ملتوي ٿيو، جڏهن ته معالجن کيس فضائي سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان روزاني بنياد تي سندس طبي معائنو ڪري رهيوآهي.
نواز شريف جي معالجن کيس ”پيس ميڪر“ لڳرائڻ جي تجويز پڻ ڏني آهي.
واضح رهي ته نواز شريف هر سال رمضان المبارڪ جو آخري ڏهاڪو سعودي عرب ۾ گذاريندو آهي.
You might also like