اِيشا ديول، اجي ديوگن سان لاڳاپن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊ جوڙي ڌرميندر ۽ هيما مالني جي ڌيءَ اداڪارا ايشا ديول نيٺ اجي ديوگن سان لاڳاپن وارين خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
هندي سئنما ۾ 2002 ۾ قدم رکندڙ ايشا ديول 14 سالن جي وقفي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪاري جي دنيا ۾ واپسي ڪري رهي آهي.
تازي انٽرويوءَ دوران ايشا ديول ماضيءَ ۾ پنهنجو نالو مختلف اداڪار سان جوڙڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي،اداڪارا خاص طور تي اجي ديوگن سان لاڳاپن وارن افواهن تي به روشني وڌي.
ايشا چيو ”ڪجهه خبرون صحيح هيون، جڏهن ته ڪجهه رڳو افواهه هئا، ماڻهن منهنجو نالو اجي ديوگن سان ڳنڍڻ لڳا ۽ چيو ويو اسان هڪٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا آهيون.“
هن وضاحت ڪندي چيو، ”منهنجا اجي سان سٺا لاڳاپا هئا ۽ آهن، جنهن کي دوستي چئي سگهجي.“
ايشا ديول جو چوڻ هو ته شايد اھڙين افواهن جو سبب اهو هو ته مان پنهنجي ڪيترن ئي هم ڪلاسي اداڪارن سان بار بار مختلف فلمن ۾ ڪم ڪندي هئس.
واضح رهي ته اجي ديوگن ۽ ايشا ديول ڪيترن فلمن ۾ گڏ ڪم ڪيو، جن ۾ ”يووا“، ”ڪال“، ”انسان“۽ ”ڪيش“ شامل آھن..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.