ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي انهن هڪ ڪروڙ ماڻهن جي بددعا لڳي جيڪي نوڪريءَ جي آسري ۾ هئا.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته گورنر هائوس جون ڀتون ڊاهڻ جي دعويدارن ئي ڀتيون وڌيڪ اوچون ڪيون ھيون.
هن پي ٽي آءِ کي صلاح ڏني ته آمريڪي پرڏيهي وزارت اڳيان جهڪڻ ۽ ڊونلڊ ٽرمپ کان مدد وٺڻ بدران الله کان معافي وٺي.
گورنر سنڌ جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي اعلانن تي يقين رکندڙ هڪ ڪروڙ ماڻهن کي مايوسي ملي، ڇو ته اميدن جا خواب عمران خان ڏيکاريا هئا.
You might also like