يوڪرين به روس سان 30 ڏينهن جي عارضي جنگبندي لاءِ راضي ٿي ويو

ڪييف (ويب ڊيسڪ) يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي روس سان 30 ڏينهن لاءِ عارضي ۽ محدود جنگبندي تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو .
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪريني معدني وسيلن کان پوءِ هاڻ توانائي ٿاڪن جي ملڪيت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.
رپورٽ موجب ٽرمپ ۽ زيلنسڪي وچ ۾ هڪ ڪلاڪ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران يوڪريني صدر آمريڪي سهڪار تي ٿورا مڃيا ۽ روس جي توانائي انفراسٽرڪچر تي حملن کان پاسو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
يوڪريني صدر زيلنسڪي چيو ته سندس ملڪ روس جي توانائي نظام ۽ بنيادي ڍانچي تي حملن کان پاسو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽرمپ سان جوهري پلانٽن بابت به ڳالهيون ڪيون ويون پر آمريڪا طرفان روس جي حق ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت ڏيڻ جو ڪو به دٻاءُ محسوس نه ڪيو.
صدر ٽرمپ ڳالهه ٻولهه دوران يوڪريني صدر کي تجويز ڏني ته يوڪريني توانائي انفراسٽرڪچر کي محفوظ بڻائڻ لاءِ جوهري ۽ برقي پلانٽن سميت سمورا توانائي ٿاڪ آمريڪي ملڪيت ۾ ڏيڻ گهرجن.
يوڪريني ماهرن موجب، آمريڪي تجويز عمل جوڳي نه آهي، ڇاڪاڻ ته يورپ جو سڀ کان وڏو توانائي پلانٽ زاپوريزهيا اڳ ۾ ئي روس جي قبضي هيٺ آهي.
ان کانسواءِ ٽرمپ جي تجويز کي يوڪريني صدر جي سرڪاري بيان ۾ به شامل نه ڪيو ويو آھي.
جنگبندي جي شروعاتي تاريخ بابت اڃا وضاحت ناهي ٿي، پر سعودي عرب ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران فني ماهرن جي ملاقات رٿيل آهي، جتي جنگبندي جي دائري کي توانائي ٿاڪن کان وڌائي بحيره اسود ۾ به جنگبندي لاڳو ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ٽرمپ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٻه ڪلاڪ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ عارضي جنگبندي تي اتفاق ڪيو ويو.
وائيٽ هائوس موجب، روس 30 ڏينهن لاءِ يوڪريني توانائي نظام تي حملن کان پاسو ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي، ٻنهي ملڪن بحيره اسود ۾ جنگبندي ۽ مستقل امن لاءِ فني ڳالهين تي به اتفاق ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.