چيمپيئنز سبب پي سي بي ڪيترو نقصان يا فائدو ٿيو؟ بورڊ تفصيل بيان ڪري ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي ڪاميابي کانپوءِ حاصل ٿيندڙ روينيو بابت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو موقف سامهون اچي ويو .
پي سي بي چيئرمين صلاحڪار عامر مير ۽ چيف فنانشل آفيسر ( سي ايف او ) جاويد مرتضيٰ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي.
ان موقعي تي عامر مير چيو ته ڀارتي ميڊيا جي پروپيگينڊا وائکي ڪرڻي آهي جيڪا هن وقت ڪئي پئي وڃي، پاڪستان دشمن ميڊيا هڪ ڪوڙ جو دڪان هلائي رهي آهي، افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته پاڪستاني ميڊيا اهڙيون خبرون هلايون آهن.
عامر مير چيو ته ٻه ارب رپيا منافعي جو ڪاٿو لڳايو هو پر ٽي ارب رپيا منافعي جي اميد آهي، اميد کان وڌيڪ منافعو ٿيو، اِهو منافعو گيٽ مني ۽ گرائونڊ فيس ذريعي حاصل ٿيو آهي.
هن چيو ته في الحال سڀ آڊٽ ٿيڻو آهي پر ان باوجود 3 ارب جي منافعي جو ڪاٿو لڳايو آهي، پي سي بي چار ارب رپيا حڪومت کي ٽيڪس ڏنو آهي، سمورو خرچ آءِ سيسي ڪيو، چيمپيئنز ٽرافي لاءِ آءِ سي سي 70 ملين ڊالرز جي بجيٽ رکي هئي.
عامر مير چيو ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي گرائونڊ جي اپ گريڊيشن جو ڏکيو ٽاسڪ پورو ڪيو، قذافي اسٽيڊيم نوي سيڪڙو نئون ٺهيو جيڪو ملڪ جو اثاثو آهي.
ان موقعي تي جاويد مرتضيٰ چيو ته پي سي بي ڪو به مالي نقصان ناهي ڪيو، 2023 ۽ 24 جي مالي ڏهه ارب رپين جو منافعو ٿيو، اسٽيڊيمز لاءِ 18 ارب رپيا بجيٽ رکي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.