واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا، پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان بابت سوال تي ڪنهن به قسم جو ردعمل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اربع جي ڏينهن آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٽيمي بروس کان ميڊيا بريفنگ دوران عمران خان بابت سوال ڪيو ويو، پر هن ان تي ڪو به تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو.
آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٽيمي بروس چيو ته آمريڪا ڪنهن ٻئي ملڪ جي اندروني معاملن تي ڳالهائڻ نه چاهيندو، جيڪڏهن ڪنهن کي وڌيڪ ڄاڻ گهربل آھي ته وائٽ هائوس سان رابطو ڪري سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ ۽ پرڏيهي وزير واضح ڪري چڪا آهن ته اسان کي دنيا جي پرواهه آهي، اسان کي پنهنجي پاڙيسرين جي پرواهه آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته عالمي حالتن کان واقف رهون.
آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي بابت افواهن جي ترديد
ان کانسواءِ آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لاءِ مخصوص ملڪن جي فهرست ٺاهڻ جي به ترديد ڪري ڇڏي.
ٽيمي بروس وضاحت ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن کان جيڪا فهرست ميڊيا ۾ هلي رهي آهي ان جو ڪو به وجود ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ جي حڪم تي آمريڪي سلامتي لاءِ ویزا معاملن جو جائزو ورتو پيو وڃي ته ڪهڙن ماڻهن کي داخلا جي اجازت ڏني وڃي، جڏهن اهو جائزو مڪمل ٿيندو، تڏهن اسان انهيءَ بابت ڳالهائي سگھنداسين.
You might also like