ترڪ صدر جو مخالف ۽ استنبول جو ميئر اڪرم امام گرفتار، عوام روڊن تي نڪري آيو

استنبول (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي سياسي مخالف ۽ استنبول جي ميئر اڪرم امام اوغلو کي صدارتي اميدوار بڻجڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، استنبول جي ميئر کي اربع جي صبح گرفتار ڪيو ويو.
سڪيولر ريپبلڪن پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ امام اوغلو ترڪ صدر اردگان جي وڏن سياسي مخالفن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي ۽ کيس 23 مارچ تي ريپبلڪن پيپلز پارٽي جو صدارتي اميدوار نامزد ڪيو وڃڻ جو امڪان هو.
رپورٽ موجب، امام اوغلو تي بدعنواني ۽ هڪ دهشتگرد گروپ جي مدد ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن.
پوليس جاچ دوران 100 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي جن ۾ سياستدان، صحافي ۽ ڪاروباري شخصيتون شامل آهن.
امام اوغلو آن لائين بيان ۾ چيو ته عوام جي مرضيءَ کي خاموش نه ٿو ڪرائي سگهجي.
ٻئي پاسي استنبول جي ميئر جي گرفتاري خلاف ترڪيءَ جي روڊن، يونيورسٽي ڪيمپسز ۽ ريلوي اسٽيشنن تي حڪومت مخالف مظاهرا شروع ٿي ويا آهن.
حڪومت استنبول ۾ چئن ڏينهن لاءِ عوامي ميڙاڪن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جڏھن ته ملڪ ۾ وڌيڪ احتجاج ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ترڪ اپوزيشن جو چوڻ آهي ته امام اوغلو کي گرفتار ڪرڻ مستقبل جي صدر کي رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش آهي.
استنبول جي ميئر کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ترڪيءَ ۾ سوشل ميڊيا تائين پهچ محدود ڪئي وئي آھي.
مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جي سروسز ۾ خلل اچي رهيو آهي.
واضح رهي ته امام اوغلو جو يونيورسٽي ڊپلوما به اڱاري تي رد ڪيو ويو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، امڪان آهي ته ڊپلوما رد ٿيڻ سبب امام اوغلو صدارتي چونڊن لاءِ نامزدگي کان محروم ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.