واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لاءِ ڪنهن به ملڪ جي فهرست ٺاهڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس ٻڌايو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان جنهن فهرست جو انتظار ڪيو پيو وڃي، اهڙي ڪا به لسٽ موجود ناهي.
هن وضاحت ڪئي ته صدر ٽرمپ جي حڪم تي آمريڪي سلامتيءَ جي نظرثاني جاري آهي ته ويزا مسئلن کي ڪيئن حل ڪيو وڃي ۽ ڪنهن کي داخلا جي اجازت ڏني وڃي، جڏهن اهو جائزو مڪمل ٿيندو، تڏهن ان تي وڌيڪ ڳالهائبو.
ان سان گڏوگڏ آمريڪي پرڏيهي کاتي آمريڪي فوج لاءِ قربانيون ڏيندڙ افغان شهرين کي آمريڪا ۾ آباد ڪرڻ واري منصوبي تي قائم رهڻ جو عزم به ورجايو.
ياد رهي ته عالمي ميڊيا اڳ ۾ ئي رپورٽ ڏني هئي ته ٽرمپ انتظاميا پنهنجي گذريل دور وانگر سفري پابنديون لڳائڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن سبب افغانستان ۽ پاڪستان سميت ڪيترائي ملڪ متاثر ٿي سگهن ٿا.
You might also like