ڪئنال رٿا پٺيان اسٽيبلشمينٽ آهي، اربين رپيا خرچ ٿي ويا آهن: ذوالفقار جونيئر

ڪراچي(م ڊ) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ذوالفقار ڀٽو جونيئر  چيو آهي ته ڪئنال رٿا هڪ سازش آهي، پنجاب جي هارين سان به ظلم ٿي رهيو آهي، هو ڪنهن جي به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، ڇاڪاڻ ته هنن اڳ ۾ ئي هن رٿا تي اربين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن، پرڏيهي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ذوالفقار ڀٽو جونيئر  چيو آهي ته حڪومت جي هڪ سازش به آهي ته پنجاب آباد آهي ۽ سنڌ ريگستان آهي، اهي سمجهن ٿا ته سنڌ ته اڳ ئي ريگستان آهي ته ان کي پاڻي جي ڇو ضرورت پوندي؟! اسين آباد آهيون، اپت ڪرڻ وارا آهيون، پنج آب آهيون، هن چيو ته آئون اهو نه ٿو چوان ته پنجاب ۾ ڪجهه نه ٿي رهيو آهي، پنجاب جي هارين سان به ظلم ٿي رهيو آهي، مون کي خبر آهي ته هن رٿا پٺيان اسٽيبلشمينٽ آهي، پر آئون ان لاءِ وڌيڪ نه چوندس، نه هنن مون وٽ آيا آهن نه وري هنن مون سان رابطو ڪيو آهي، مون کي خبر ناهي ته اسٽيبلشمينٽ منهنجي باري ۾ ڪهڙو خيال رکي ٿي، هڪ سوال ڇا حڪومت توهان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت ڪنهن جي به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن اڳ ئي هن منصوبي تي اربين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن، جيڪڏهن توهان انگ اکر ڏسندا ته اهي ڊيڄاريندڙ آهن، 250 ارب رپيا رڳو ڪئنالن تي خرچ ٿي رهيا آهن، زور ان ڳالهه تي آهي ته رڳو ڪئنالن تي ڇو، هن رقم مان بئراج به ٺهندا ۽ پنجاب ۾ واقعي بئراجن جي گنجائش به وڌائيندا، ان لاءِ پاڻي به روڪيندا، ته سنڌ ۾ پاڻي جي وڌيڪ کوٽ ٿي ويندي، هن رٿا سان سنڌ تي ڪهڙا اثر پوندا؟ جي جواب ۾ چيو ته سکر بئراج کان هيٺ درياهه خشڪ ٿي ويو آهي، لاڙڪاڻي، سيوهڻ ۽ دادو ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، جيڪو پاڻي آهي اهو مڪس آهي، جنهن ۾ کارا پاڻي آهي، سمنڊ جو پاڻي آهي ان تي آبادي ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.