سوشل ميڊيا تي رياست مخالف پروپيگينڊا، پي ٽي آءِ جا 16 اڳواڻ ٻيهر طلب

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپيگينڊا واري معاملي ۾ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ 16 ڄڻن کي ٻيهر طلب ڪري ورتو.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي 18 مارچ تي جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فردوس شميم نقوي، خالد خورشيد، ميان اسلم اقبال، حماد اظهر، عون عباس، شهباز شبير، وقاص اڪرم ۽ تيمور سليم کي جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس ڏنا ويا آهن.
ان کان کانسواءِ صبغت الله ورڪ، اظهار مشواني، نعمان افضل، جبران الياس کي به ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سلمان رضا، ذلفي بخاري، موسيٰ ورڪ ۽ علي ملڪ کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جو بئريسٽر گوهر، رئوف حسن ۽ شاهه فرمان اڳ ئي جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿي چڪا آهن. جي آءِ ٽي عليمه خان کي به 19 مارچ تي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان 14 مارچ تي طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي ماڻهن خلاف رياست مخالف پروپيگينڊا بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب، 2016ع جي اليڪٽرانڪ ڪرائيم روڪٿام ايڪٽ جي سيڪشن 30 تحت جي آءِ ٽي جوڙي وئي هئي، جيڪا اسلام آباد پوليس جي انسپيڪٽر جنرل جي سربراهي ۾ جاچ ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.