نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ سينچري، آڪاش چوپڙا صاحبزادا فرحان لاءِ آواز اٿاري ڇڏيو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر آڪاش چوپڙا به قومي ٽيم جي نوجوان بيٽر صاحبزادا فرحان جي جارحاڻي سينچري جي تعريف ڪرڻ لڳو.
فيصل آباد جي اقبال اسٽيڊيم ۾ پشاور جي نمائندگي ڪندڙ صاحبزادا فرحان لاهور وائيٽس خلاف 59 بالن تي 114 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.
صاحبزادا فرحان جارحاڻي اننگز کيڏي نه رڳو پاڪستاني ڪرڪيٽرن پر ڀارتين کي به پنهنجي تعريف تي مجبور ڪري ڇڏيو.
آڪاش چوپڙا سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ صاحبزادا فرحان جي اننگز جي تعريف ڪندي ڏکيائين جو شڪار پاڪستان ٽيم ۾ کيس شامل نه ڪرڻ تي سوال اٿاريو.
هن چيو ته صاحبزادا فرحان تمام زبردست اننگز کيڏي، ڇا اهڙي بيٽسمين کي پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪا اسڪيم ناهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.