نائيٽ ڪلب ۾ خوفناڪ باهه سبب 51 ڄڻا اجل جو شڪار

اتر مقدونيه ۾ هڪ نائيٽ ڪلب ۾ باهه لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 51 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب اتر مقدونيه جي شهر ڪوچاني ۾ ميوزڪ شو دوران آتشبازي سبب باهه ڀڙڪي پئي، جيڪا ڏسندي ئي سڄي عمارت ۾ پکڙجي وئي.
اختيارين ٻڌايو ته ان افسوسناڪ واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 51 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي آهن، جن جو اسپتال ۾ علاج ڪيو پيو وڃي.
اختيارين موجب مقدونيه جو پاپ گروپ ڊي اين اي ڇنڇر جي رات ڪلب ۾ پرفارم ڪري رهيو هو، ان دوران خوفناڪ باهه ڀڙڪي پئي، ڪنسرٽ ۾ ان وقت 1500 ماڻهو موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.