خيبر پختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ دهشتگردن جا حملا، 4 پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا شهيد

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ دهشتگردن جي پوليس ٿاڻن ۽ چوڪين تي حملن ۾ 4 اهلڪارن سميت 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.
خيبر پختونخواهه جي مختلف ضلعن پشاور، ڪرڪ، بنون، ڊيرا اسماعيل خان، ٽانڪ، ڏکڻ وزيرستان، مهمند ۽ خيبر ۾ پوليس ٿاڻن، سياسي ۽ مذهبي شخصيتن تي گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيترائي حملا ٿيا.
پوليس موجب دهشتگرد حملن ۾ پوليس جا 4 اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته 3 زخمي ٿيا ۽ جوابي حملن ۾ 4 دهشتگرد ماريا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.