ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان نوڪرين جي ڳولا لاءِ باضابطا طور پورٽل جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن ذريعي باصلاحيت ماڻهو ميرٽ موجب گهربل نوڪري حاصل ڪري سگهن ٿا.
سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد پورٽل بابت اهم تفصيل شيئر ڪندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جون گريڊ هڪ کان 4 لاءِ نوڪريون پورٽل ذريعي هونديون ۽ گريڊ 5 کان 15 جون نوڪريون به پورٽل ذريعي هونديون.
هن چيو ته عام ماڻهو به ان پورٽل تي نوڪري لاءِ اپلاءِ ڪري سگهن ٿا، ميرٽ موجب جيڪو اڳي سو تڳي جي بنياد تي نوڪري ملندي ۽ بنا ڪنهن فيس جي نوڪري ملندي، رڳو رجسٽرڊ ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن به کاتي بابت نوڪري ملندي، سنڌ جي سڀني شهرن جا نوجوان پورٽل تي اپلاءِ ڪري سگهن ٿا، سرڪاري ۽ پرائيويٽ نوڪري لاءِ ڌار ڌار آپشن آهن، جيڪو معيار تي پورو لهندو ان کي نوڪري ملندي.
ترجمان چيو ته ڪجهه نوڪريون ڪانٽريڪٽ بيسڊ هونديون آهن، ڪجهه ڊيلي ويجز به هونديون آهن، اهي به اپلاءِ ڪري سگهن ٿا، نوجوان فائدو کڻڻ لاءِ وڌ کان وڌ رجسٽرڊ ٿين.
You might also like