ڪراچي لاءِ خوشخبري، سنڌ حڪومت جو يلو لائن جو افتتاح مئي ۾ ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ يلو لائين بي آر ٽي جي جاري تعميراتي ڪم جو دورو ڪندي منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو، دوري دوران صلاحڪارن سينيئر وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي منصوبي جي اڳڀرائي، رنڊڪن ۽ امڪاني طور منصوبو مڪمل ٿيڻ جي وقت بابت آگاهي ڏني.
شرجيل انعام ميمڻ هدايتون جاري ڪندي چيو ته يلو لائين بي آر ٽي منصوبي ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي ۽ منصوبي کي مقرر مدي کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو.
صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي جي شهرين لاءِ جديد ترين ٽرانسپورٽ منصوبو تيار ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت عوام کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته يلو لائين بي آر ٽي سيپٽمبر 2025 ۾ مڪمل ٿيڻ هو پر هاڻي اهو مئي 2025 تائين مڪمل ڪيو ويندو، جيڪو پنج مهينا اڳ مڪمل ٿيندو.
شرجيل انعام ميمڻ وزيراعظم کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪراچي لاءِ 180 بسن جي فراهمي جو واعدو پورو ڪيو وڃي، ڇو ته اهو ڪراچي جي عوام جو حق آهي.
سينيئر وزير چيو ته يلو لائين بي آر ٽي سميت سمورا منصوبا ڪراچي جي عوام لاءِ آهن ۽ انهن کي مقرر وقت تي مڪمل ڪيو ويندو ته جيئن شهر ۾ جديد سفري سهولتون فراهم ٿي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.