ملڪ رياض جي ملڪيت سرڪاري تحويل ۾ ورتي وئي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي راولپنڊي ۾ ملڪيت سرڪاري تحويل ۾ ورتي وئي.
ضلعي انتظاميا بحريا ٽائون فيز 8 ۾ نوٽيس به لڳائي ڇڏيو، ملڪيت ضبطگي جو حڪم گذريل ڏينهن اسلام آباد جي نيب ڪورٽ طرفان ڏنو ويو هو.
بحريا ٽائون ۾ پلاٽ نمبر 1351 ۽ گهر نمبر 1440 تي نوٽيس لڳايا ويا آهن ۽ رهائشين کي به ملڪيت ضبطگي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو آهي.
ملڪيت ۾ مداخلت ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ريفرنس ۾ ملڪ رياض اشتهاري جوابدار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.