وانا ( ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان جي اعظم ورسڪ بازار جي مسجد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي ضلعي امير سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس موجب، ڌماڪو اعظم ورسڪ جي مسجد اندر ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي هئڻ جا اطلاع آهن.
ضلعي پوليس آفيسر (ڊي پي او) آصف بهادر ٻڌايو ته ڌماڪيدار مواد مسجد ۾ رکيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ جي يو آءِ جي ضلعي امير عبدالله نديم سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ نوشهرا ۾ دارالعلوم حقانيه اڪوڙا خٽڪ جي مسجد ۾ به آپگهاتي حملو ٿيو هو، جنهن ۾ جي يو آءِ ( س) جي سربراهه مولانا حامد الحق سميت اٺ ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.
You might also like