اسيمبلي ۾ ويهي ٻٽاڪون هڻڻ سان رياستي رٽ چئلينج ڪندڙن کي ڪجهه نه ٿو ڪري سگهجي:مير ظفرالله زهري

ڪوئيٽا( م ڊ) بلوچستان اسيمبلي ۾ جي يو آءِ جي ميمبر مير ظفرالله زهري چيو آهي ته هو پارليامينٽ کان پهاڙن تائين ڪتاب لکي رهيو آهي، جنهن ۾  2013ع تائين جون حقيقتون لکندو. هن چيو ته اسيمبلي ۾ ويهي ٻٽاڪون هڻڻ سان رياستي رٽ چئلينج ڪندڙن کي ڪجهه نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته انوار الحق جون نگران دور ۾ ڀڙڪيون سڀني ٻڌيون هيون، ميدان تي اچڻ لاءِ ڪير تيار ناهي. هن چيو ته منهنجي تڪ ۾ عورتن پنهنجا زيور ۽ مردن بندوقون بندش پيل تنظيمن وٽ جمع ڪرايون آهن. ڌرڻا هڻندڙن سان ڳالهائڻ لاءِ ڪير تيار ناهي ته سندن ڪهڙا مسئلا آهن. مالڪ بلوچ، اچڪزئي، جميل بگٽي ۽ ٻين تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وڃي. هن چيو ته سندس علائقي مان عورتن کي اغوا ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.