اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف القادر ٽرسٽ جا 190 ملين پائونڊ تعليم تي خرچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان وفاقي سيڪريٽري تعليم محي الدين احمد واني جو چوڻ آهي ته 190 ملين پائونڊن مان اسلام آباد ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي آرٽ اينڊ ٽيڪنالاجي جي وڏي يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي، دانش اسڪول به ٺاهينداسين، سموري رقم تعليم تي خرچ ٿيندي، هن چيو ته اسلام آباد جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ نه صرف تعليم پر کاڌو به مفت فراهم ڪيو پيو وڃي، آرٽيفيشل انٽيليجنس سميت وڏي پيماني تي ٽيڪنالاجي جي تعليم به شروع ڪئي آهي، پهريون ڀيرو پرائمري ۾ اي آءِ تعليم ڏني پئي وڃي، ٻي پاسي سنڌ جي ساڃاهه وند ان رقم تي سوال اٿاري رهيا آهن ته اها رقم بحريا ٽائون جي هئي، جيڪا سنڌ ۾ استعمال ٿيڻي هئي، جيڪا سنڌ ۾ استعمال ٿيڻ بدران اسلام آباد ۾ ڪيئن خرچ ٿي رهي آهي؟.