ڪراچي ۾ پارڪ جي کوٽائي دوران هٿيار ۽ گوليون نڪري آيون!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ پارڪ جي کوٽائي دوران ڪيترائي هٿيار ۽ گوليون برآمد ٿيون آهن.
پوليس اختيارين موجب هٿيار ۽ گوليون ٻورين ۾ لڪائي پوريون ويون هيون، پارڪ ۾ کوٽائي جو عمل جاري هو ته ٻوريون نڪتيون.
اطلاع تي فوري طور پوليس پهچي وئي، جنهن موجب پوريل هٿيارن ۾ رائفلز شامل آهن، جڏهن ته ٻورين ۾ مختلف هٿيارن جون سوين گوليون به موجود آهن، شڪ آهي ته رينجرز ۽ پوليس جي آپريشن دوران هٿيارن کي لڪايو ويو.
برآمد هٿيارن ۽ گولين جو معائنو ڪرايو پيو وڃي، پوليس موجب هٿيارن کي زنگ لڳل آهن، انهن جي فرانزڪ ڪرائي ويندي، جڏهن ته پارڪ ۾ وڌيڪ هنڌن تي به کوٽائي ڪرائي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.