ثانيا نشتر جي سينيٽ جي رڪنيت تان استعيفيٰ منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي عورت سينيٽر ثانيا نشتر جي سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ منظور ڪئي وئي.
ثانيا نشتر جي استعيفيٰ کانپوءِ سيٽ خالي قرار ڏني وئي آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ثانيا نشتر 2021 ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي سينيٽ جي ميمبر چونڊي وئي هئي.
هوءَ پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وزيراعظم جي خاص مددگار پڻ رهي چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.