ڪراچي( رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ جي صوبائي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف احتجاج جاري رکڻ گهرجي، اسان نوان واهه ڪڍڻ جي خلاف آهيون. پيپلز پيرا ميڊيڪل ونگ سنڌ پاران افطار ڊنر تقريب کي خطاب ڪندي نثار احمد کهڙو چيو ته هو وفاقي حڪومت جي سنڌ دريا مان نوان واهه ڪڍڻ جي تجويز ڪيل منصوبي جي خلاف آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار احمد کهڙو چيو ته حڪومت ۾ پيپلز پارٽي ناهي. حڪومت مسلم ليگ (ن) جي آهي، ڪينال جي تجويز ڪيل منصوبي خلاف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جو احتجاج عوام جو آواز آهي، جنهن تي وفاقي حڪومت کي ڌيان ڏئي ۽ هن منصوبي کي رد ڪري. هن چيو ته جڏهن ڪينال سسٽم ۾ پاڻي نه هوندو ته نون واهن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي اسپيڪر نويد اينٿوني چيو آهي ته پيپلز پيرا ميڊيڪل عملي جون خدمتون ساراھ جوڳيون آهن. پيرا ميڊيڪل عملي ڪووڊ واري وقت م پنهنجون زندگيون داء تي لڳائي ڪووڊ جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ سرڪار هميشه پيرا ميڊيڪل عملي جي مسئلن کي ترجيح ڏني آهي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پيرا ميڊيڪل عملي جا جائز مسئلا اولين بنيادن تي حل ڪيا ويندا. ان موقعي تي پ پ ايم پي اي آصف خان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي پيرا ميڊيڪل عملو سڀني کان اڳتي آهي ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي جيتري ساراه ڪجي گهٽ آهي. هن چيو ته پيرا ميڊيڪل عملو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن مطابق تيمادارن جي خدمت ڪري رهي آهي. اسان پيرا ميڊيڪل عملي سان هر جائز مسئلن ۾ گڏ آهيون. پيپلز پيرا ميڊيڪل ونگ سنڌ جي اڳواڻ نياز احمد خاصخيلي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پيرا ميڊيڪل هر سال رمضان المبارڪ جي برڪت مهيني ۾ پيرا ميڊيڪل عملي لاءِ افطار پارٽي جو احتمام ڪندي آهي.