ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي رمضان ۾ پيپلز بس سروس جو وقت وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته 15 رمضان کان بس سروس رات هڪ وڳي تائين هلائي ويندي، فيصلو آر ون، آر ٽو، آر ٿري، آر فور، آر نائين، آر 10 ۽ اي وي ون روٽ جي بسن تي لاڳو ٿيندو.
هن چيو ته رمضان المبارڪ ۾ شهرين جي تڪليف کي سمجهون ٿا، هتان جو عوام پبلڪ ٽرانسپورٽ تي گهڻو ڀاڙيندو آهي، وقت وڌائڻ جو مقصد سفري سهولت فراهم ڪرڻ آهي، يقيني بڻايو ويندو ته ماڻهو خريداري کانپوءِ پنهنجي گهرن تائين محفوظ طريقي سان پهچن.
You might also like