ڪراچي (پ ر) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جتي سماجي خدمتون سرانجام انجام ڏئي رھي آھي، اتي ئي عورتن جي تعليم، ھنر ۽ انهن کي معاشري ۾ برابري جي بنياد تي عزت مقام ڏيڻ لاءِ وقت به وقت ڪوششون ڪيون آھن.
8 مارچ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي مرڪزي قيادت رفيق احمد جعفري چيئرمين، پروفيسر خالد حسين چنا وائيس چيئرمين، علي حسين بروھي سيڪريٽري جنرل، پروفيسر بخش علي چانڊيو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل، نور محمد سيال سيڪريٽري فنانس، احمد حسن پنهور سيڪريٽري اطلاعات، ميڊم حميده خاصخيلي سيڪريٽري وومين ڊولپمينٽ چيو ته ھر سال 8 مارچ جي تاريخ کي گڏيل قومن جي اداري پاران عورتن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي، جنهن جي اها معنيٰ بلڪل به ناهي ته ڪو سال جا باقي ڏينهن عورتن جا ناهن پر هر ڏينهن عورت جو آهي، جيڪا هڪ حسين ۽ دلڪش شخصيت جو روپ آهي.
هنن چيو ته عورت ڌيءَ به آهي ته ڀيڻ، زال ۽ ٻين ڪيترن ئي رشتن جو مجسمو آهي، اها عورت ئي آهي جيڪا گهر، خاندان ۽ ان کان پوءِ سماج ٺاهي ٿي، عورتون سماج کي اڏڻ ۾ اوترو ئي ڪردار ادا ڪن ٿيون جيترو مرد.
سندن چوڻ هو ته عالمي ڏينهن ڀيٽا طور مخصوص ڪيا ويندا آهن، جنهن جو بنيادي مقصد انهن ڏينهن جي مناسبت سان مجموعي طور جائزو وٺڻ، احتساب جو ماحول ٺاهڻ ۽ ان ڏس ۾ ڪجهه سوچڻ، ڪرڻ ۽ ويچارڻ هوندو آهي، 8 مارچ ملهائڻ جو مقصد عورتن سان ٿيندڙ جنسي، صنفي، معاشي ۽ ٻين ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ آهي، سنڌ جي سڀني ماڻهن کي گذارش آهي ته پنھنجي نياڻين کي اعلي تعليم ڏياري منزل تي پهچائين.
اڳواڻن چيو اسان کي گهرجي ته هر ڏينهن عورتن جي حقن، برابري ۽ عزت جي ڳالهه ڪريون، ڇو ته سماج جي ترقي ان وقت ئي ممڪن آهي، جڏهن عورت ۽ مرد ٻئي برابر سمجهيا وڃن، عورت جي شعوري سگهه معاشري کي بهترين بڻائي سگهي ٿي، اڄ جي خوبصورت ڏهاڙي تي دنيا ۽ خاص ڪري سموري سنڌ جي ڀينرن ۽ مائرن کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪجي ٿو.
Next Post
You might also like