دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نائبن ڪپتان شبمن گل چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي جو فائنل اها ئي ٽيم کٽيندي، جيڪا دٻاءُ بهتر طريقي سان برداشت ڪري.
دبئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبمن گل چيو ته اسان ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ فائنل هارائي چڪا آهيون پر هن ڀيري اسان جي ٽيم ڪاميابي لاءِ مڪمل طور تيار آهي، ٽيم جو ماحول زبردست آهي ۽ سمورا رانديگر پرعزم آهن.
هن چيو اهو چوڻ آسان هوندو آهي ته دٻاءُ نه هوندو پر حقيقت اها آهي ته هر رانديگر دٻاءُ محسوس ڪندو آهي، وڏي ميچ جو سدائين دٻاءُ هوندو آهي پر تجربي ڪار رانديگر دٻاءَ کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن.
گل تسليم ڪيو ته توڙي جو آسٽريليا جو بالنگ اٽيڪ گهڻو مضبوط نه هو پر ڀارتي ٽيم سيمي فائنل ۾ دٻاءَ ۾ وڪيٽون وڃايون.
هن ڀارتي ٽيم جي بيٽنگ لائن کي ان وقت دنيا جي مضبوط ترين بيٽنگ لائن قرار ڏيندي چيو اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ميچ جي صورتحال موجب کيڏون.
You might also like