خبردار! متان بنا هيلمٽ جي ٻاهر نڪتا آهيو، نوان ظابطا لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ٽريفڪ پوليس به روڊ حادثن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا آهن.
ذريعن موجب، ڪراچي جي ٽريفڪ اختيارين نئون هيلمٽ قانون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت بنا هيلمٽ موٽرسائيڪل هلائڻ وارن لاءِ مخصوص روڊن تي پابندي هوندي.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ، پير محمد شاهه هدايت ڪئي آهي ته ميٽروپول کان ڪلفٽن برج، شاهراهه فيصل ۽ پي آءِ ڊي سي کان سعودي قونصليٽ تائين هيلمٽ کانسواءِ موٽرسائيڪل هلائڻ وارن کي داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ چيو ته اسان شروعاتي طور تي انهن ٽن روڊن کي ماڊل روڊ بڻائي رهيا آهيون ۽ بنا هيلمٽ هلندڙن کي واپس موڪليو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته هي قدم حادثن ۾ زخمين ۽ جاني نقصان کي گهٽائڻ لاءِ کنيو ويو آهي، جڏهن ته رمضان المبارڪ دوران هيلمٽ جي اهميت بابت آگاهي مهم پڻ هلائي ويندي.
رمضان کانپوءِ، هي قانون سختي سان لاڳو ڪيو ويندو ۽ بغير هيلمٽ موٽرسائيڪل هلائيندڙن تي وڏا ڏنڊ لڳايا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.