اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزارت افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرن کي 31 مارچ 2025 تائين پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، غير قانوني پرڏيهي شهرين جي واپسي جو پروگرام پهرين نومبر 2023 کان لاڳو آهي ۽ هاڻي سمورن غير قانوني پرڏيهين ۽ افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرن کي 31 مارچ 2025 تائين رضاڪاراڻي طور ملڪ ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.
پڌرائي موجب، پهرين اپريل 2025 کان افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرن جي ڊيپورٽيشن جو عمل شروع ڪيو ويندو ۽ کين باعزت واپسي لاءِ گهڻو وقت ڏنو ويو آهي.
گهرو کاتي واضح ڪيو ته واپسي دوران ڪنهن سان به بدسلوڪي نه ڪئي ويندي، جڏهن ته واپس ويندڙن لاءِ خوراڪ ۽ صحت جي سهولتن جو بندوبست به ڪيو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان هڪ ذميوار رياست طور پنهنجا واعدا ۽ فرض پورا ڪندو رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ رهندڙ سڀني کي قانوني گهرجن ۽ آئين جي پابندي ڪرڻي پوندي.
You might also like