سرڪاري اسڪولن ۾ ڇنڇر تي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ دوران پنجاب جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڇنڇر جي ڏينهن موڪل جو اعلان ڪيو ويو، ان ڏينهن تعليمي ادارا مڪمل طور بند رهندا.
صوبائي اسڪول ايجوڪيشن کاتي استادن لاءِ رمضان ۾ نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، جنهن تحت ڀلاري مهيني دوران سرڪاري اسڪولن جي استادن کي ڇنڇر جي ڏينهن موڪل ڏني وئي آهي.
تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب،ڇنڇر جي ڏينهن سڀني سرڪاري اسڪولن جي استادن کي موڪل هوندي ۽ انتظاميا کي ان تي ان تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته اها موڪل رڳو رمضان المبارڪ لاءِ هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.