ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ جتي رمضان المبارڪ دوران عبادتن جو سلسلو جاري آهي، اتي عيدالفطر جي چنڊ ۽ موڪلن بابت اڳڪٿيون به شروع ٿي ويون آهن.
فلڪياتي ماهرن جو خيال آهي ته هن سال رمضان 29 ڏينهن جو ٿيندو، جنهن سبب عيدالفطر تي پنج ڏينهن موڪل جو امڪان آهي.
رويت هلال ريسرچ ڪائونسل موجب، 30 مارچ تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ شوال جو چنڊ نظر اچڻ جا چٽا امڪان آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته چنڊ 29 مارچ تي پيدا ٿيندو ۽ 30 مارچ جي شام تائين ان جي عمر 26 ڪلاڪن کان وڌيڪ هوندي، جيڪو آسانيءَ سان نظر اچي سگهندو.
جيڪڏهن عيد جو چنڊ 30 مارچ تي نظر اچي ٿو ته عيدالفطر 31 مارچ کان 2 اپريل تائين ملهائي ويندي، جڏهن ته جيڪڏهن رمضان 30 ڏينهن جو ٿيو ته عيد 1 اپريل کان 4 اپريل تائين ٿيندي.
سرڪاري ملازمن لاءِ ڇنڇر ۽ آچر اڳ ئي موڪل جا ڏينهن هوندا آهن، جنهن سبب عيد لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڏينهن (29 مارچ کان 2 اپريل) موڪل جو امڪان آهي، جڏهن ته جيڪڏهن حڪومت واڌو موڪلون ڏئي ته مجموعي طور 9 ڏينهن تائين به موڪلون ٿي سگهن ٿيون.
عيدالفطر جي حتمي تاريخ جو اعلان رويت هلال ڪميٽي رمضان جي آخري ڏينهن ۾ ڪندي.
You might also like