سعودي آمريڪي صدر جي آڇ قبولي ورتي، ٽرمپ جو ايندڙ مهيني دوري جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايندڙ هڪ يا ڏيڍ مهيني ۾ هڪ ٽريلين ڊالر جي واپاري معاهدي لاءِ سعودي عرب جو دورو ڪندو.
وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته هن سعودي عرب کي آڇ ڪئي هئي ته جيڪڏهن هو آمريڪي ڪمپنين ۾ هڪ ٽريلين ڊالر (هزار ارب ڊالر) سيڙپڪاري ڪري ته هو دورو ڪندو.
هن دعويٰ ڪئي ته سعودي عرب ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو آهي ۽ آمريڪي ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ وارو آهي، ان ڪري هو امڪاني طور تي ڏيڍ مهيني اندر سعودي عرب ويندو.
ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته سعودي عرب سان سٺا لاڳاپا آهن ۽ هو آمريڪا کان فوجي سامان سميت ٻين شين جي خريداري تي وڏي رقم خرچ ڪرڻ وارو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.