يوسف رضا گيلاني ٽڊاپ اسڪينڊل جي 3 ڪيسن مان آجو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي اينٽي ڪرپشن عدالت سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني کي ٽڊاپ ڪرپشن اسڪينڊل جي ٽن مقدمن مان بري ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي يوسف رضا گيلاني پاڻ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران جج يوسف رضا گيلاني سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي خلاف ٽن ڪيسن جو فيصلو اچي چڪو آهي، جنهن تي يوسف رضا گيلاني جواب ڏنو ته جي، مون کي خبر آهي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪهڙي جيل وڃڻ پسند ڪندا، ڪراچي، ملتان يا اسلام آباد؟، جنهن تي يوسف رضا گيلاني چيو مون کي جيل جو ڪو ڊپ ناهي، اسان لاءِ جيل ڪا نئين ڳالهه ناهي، چاهيو ته مونکي ڦاهي ڏئي ڇڏيو، سينيٽ چيئرمين جي جواب تي جواب تي جج مسڪرائي ڏنو.
عدالت سوال ڪيو ته اوهان کي گهر جي جيل ڇو پسند ناهي؟ جنهن تي يوسف رضا گيلاني چيو ته سندس اباڻو گهر ملتان آهي، فيملي لاهور ۽ سينيٽ آفيس اسلام آباد آهي.
جج چيو ته توهان ٻڌايو، ڪورٽ ته ڪراچي ۾ آهي، يوسف رضا گيلاني چيو ته وري چيو ويندو ته سندس پارٽيءَ جي سنڌ ۾ حڪومت آهي.
عدالت چيو ته توهان جي خلاف ڪو به الزام ثابت نه ٿيو آهي، توهان کي باعزت بري ڪيو پيو وڃي، توهان جي خلاف شاهدي ڏيندڙ هاڻي پاڻ جوابدار بڻجي چڪا آهن.
عدالت ٽن ڪيس جو ٽرائل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ يوسف رضا گيلاني سميت 40 جوابدارن کي به ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.