هر شئي مهانگي آهي، اقليتي واپاري رليف ڏين، من مسلم واپارين کي رحم اچي: دنيش ڪمار

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي اجلاس ۾ اقليتي ميمبر دنيش ڪمار رمضان المبارڪ ۾ مهانگائي جو معاملو اٿاريو آهي ۽ چيو ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي،  سستيون بازارون به مهانگو  ٿي ويون آهن، ايوان ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي هن چيو ته رمضان جو مقدس مهينو هلي رهيو آهي، رمضان شروع ٿيندي هر شيءَ مهانگي ٿي وئي آهي، غريب عوام جو ڪير به نه ٿو سوچي، لکين رپين جون افطار پارٽيون هلي رهيون آهن، اقليتي برادري کي گذارش آهي ته رمضان المبارڪ ۾ مسلمانن کي رليف فراهم ڪري، متان مسلمان واپارين جي دلين ۾ رحم اچي وڃي، حڪومت منافع خورن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

افراط زر ۾ لاٿ جو مطلب مهانگائي ۾ گهٽتائي ناهي: معاشي ماهر

ڪراچي(ع آ نيوز) حڪومت مهانگائي ۾ گهٽتائي جي مسلسل دعويٰ ڪندي چوندي رهندي ته ملڪ ۾ انفليشن يعني افراط زر  جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي رڪارڊ ٿي رهي آهي، ان سان عام ماڻهو کي ڪهڙو فائدو ٿيندو آهي؟ اچو ته معاشي ماهرن جي راءِ پڙهون، اقتصاديات جي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي موجب ملڪ ۾ مهانگائي ۾ ڪا به گهٽتائي نه پئي ٿئي، ”صرف ان جي واڌ جي شرح گهٽجي وئي آهي، افراط زر ۾ گهٽتائي جو بنيادي سبب ’بنيادي اثر آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل سال قيمتون تمام گهڻيون وڌيون ۽ هن سال به وڌي رهيون آهن، پر  گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اها شرح گهٽ ٿيندي نظر اچي ٿي، ان صورتحال تي جشن نه پر پريشان ٿيڻ گهرجي ڇو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي جو سبب طلب ۾ گهٽتائي آهي، ڇو ته بيروزگاري ۽ اجرت ۾ گهٽتائي يا شين جي اگهن ۾ مسلسل واڌ سبب ماڻهن جي آمدني سڪڙجي وئي آهي، هن چيو ته انفليشن ۾ واڌ جو مطلب اهو هوندو ته مارڪيٽ ۾ موجود شين جي طلب آهي ۽ ماڻهن جي قوت خريداري وڌيڪ آهي، ”انفليشن 1.5 سيڪڙو تي اچڻ جو مطلب آهي ته معيشت بيمار آهي ۽ نه ته ترقي ٿي رهي آهي ۽ نه ئي ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اقتصاديات جي ماهر شاهد محمود جو چوڻ هو ته هن وقت ملڪ ۾ بيروزگاري جي هڪ سنجيده صورتحال آهي، سال 2018ع کان وٺي عوام جي قوت خريداري ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي، جنهن جو سبب معيشت جي ترقي ۾ گهٽتائي آهي، معاشي ماهر ۽ بئنڪ آف پنجاب جي چيف اڪنامسٽ صائم علي جو چوڻ آهي ته ”جيڪڏهن اسان کاڌي پيتي جي شين ۽ تيل جي قيمتن کي ڇڏي مهانگائي جو جائزو وٺون ته اها اڃا به نو سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي، جنهن جو مطلب آهي ته تعليم، صحت ۽ گهرن جي مسواڙ وغيره جي شعبن ۾ عام ماڻهن لاءِ مهانگائي جي شرح اڃا به وڌيڪ آهي، معاشي ماهر ڊاڪٽر عامر ضيا جو چوڻ آهي ته عوام جو مسئلو اهو آهي ته گذريل ڪجهه سالن کان عام ماڻهن جي آمدني ۽ ان جي نتيجي ۾ قوت خريداري گهٽجي وئي آهي، ان مثبت انڊيڪس (مهانگائي ۾ گهٽتائي) باوجود هو محسوس نه ڪري رهيا آهن.

حڪومتي انگ اکر غلط، بجلي ۽ اٽو مهانگو ٿي رهيو آهي: حفيظ پاشا

اسلام آباد( ع آ نيوز) اقتصاديات جي ماهر ڊاڪٽر حفيظ پاشا حڪومت جي مهانگائي جي انگن اکرن کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو.  ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ معاشي ماهر ڊاڪٽر حفيظ پاشا انڪشاف ڪيو ته ملڪ ۾ بجلي ۽ اٽو مهانگو ٿي رهيو آهي پر حڪومت پنهنجي جاري ڪيل ڊيٽا ۾ چوي ٿي ته بجلي 15 سيڪڙو سستي ٿي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت جا موجوده انگ اکر غلط آهن، ملڪ ۾ بجلي ۽ اٽي جا اگهه وڌي ويا آهن، حڪومت ان کي گهٽائڻ لاءِ چئي رهي آهي، تيل جي عالمي قيمتن سبب پاڪستان ۽ ٻين ملڪن کي فائدو ٿيندو، ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿيندي ۽ عوام کي رليف ملندو. اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ پراپرٽي تي ٽيڪس نه هجڻ جي برابر آهي، اسان کي پراپرٽي ٽيڪس وڌائڻو آهي، هن وقت ملڪ ۾ 100 ٽيڪسٽائل ملون بند آهن، ان صنعت جو ڪو به فائدو ناهي. نون پئسن جي آمد ۾ گهٽتائي آئي آهي، جنهن اسان جي معاشي صورتحال کي مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ملڪي معيشت لاءِ خطرناڪ آهي، اها چين ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪافي منفي آهي. پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوالي سان ڊاڪٽر حفيظ پاشا چيو ته اسان ٻين ملڪن سان حڪومت جا ڪيترائي معاهدا ڏٺا آهن پر انهن جو ملڪي معيشت تي ڪو به اثر نه پيو آهي، ترقي جي شرح هڪ سيڪڙو کان گهٽجي وئي آهي، شارٽ فال وڌي رهيو آهي.

پنڊي ۾ سرڪاري اگهن تي کنڊ ۽ گوشت وڪڻڻ کان انڪار، اڄ هڙتال

راولپنڊي(م ڊ) راولپنڊي ۾ ڪريانه مرچنٽس ايسوسيئيشن اڄ جمعي کان سرڪاري اگهه تي کنڊ، گوشت جو وڪرو بند ڪرڻ  جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ايسوسيئيشن جي صدر سليم پرويز بٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان کنڊ 163 رپيا في ڪلو خريد ڪري 164 رپيا في ڪلو وڪرو نٿا ڪري سگهون ڇاڪاڻ ته هڪ ڪلو کنڊ تي 10 رپيا ٽرانسپورٽ، شاپنگ بيگز ۽ لوڊنگ جو خرچ اچي ٿو، کنڊ جي هول سيل قيمت تي 10 رپيا في ڪلو منافعو ڪريانا وارن کي ڏنو وڃي، ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته کنڊ 164 رپيا کان وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪندڙ دڪاندار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، ٻي پاسي گوشت وڪڻندڙ دڪاندارن به قيمتن جي معاملي تي هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.