سکر/دادو(نمائندا) سکر ۾ سپاف (شھيد ڀٽو) ضلعي سکر پاران مرڪزجي سڏ تي سنڌو درياهه مٿان 6 غير قانوني ڪئنال اڏڻ ۽ 4 سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن تي رياستي تشدد خلاف گلوبل ڇوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي جاويد احمد نوھاڻي، ايڊووڪيٽ محمد ياسين احمد جتوئي، فھد ڀٽو، ڪفايت علي ڪلھوڙو، مرتضي ھيرو شيخ، حاجي ظھير احمد جتوئي، خليل ڪلھوڙو امداد شيخ، ضمير بلوچ، باغي نويد،بابلو مھر، علي ناريجو، بابو سيلون وارو، حنيف ڪوري خطاب ڪندي چيو ته اعتراضن باوجود به سنڌو درياهه مان 6 غير قانوني ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن دادو ۾ سپاف شهيد ڀٽو ضلع دادو جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو، شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پاران انڌي ٻلڻ ۽ جونئير ذوالفقار ڀٽو جون تصويرون کڻي سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ نامنظور جا نعرا هنيا، ڪارڪنن شمس الدين ڀٽو،ثاقب ڀنڊ،آصف گوپانگ، زين گهلو، ذيشان کوکر،نثار ٻاٽ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ تباھ ٿي ويندي هنن چيو ته جونيئر ذولفقار ڀٽو پيپلز پارٽي جو اصل وارث سنڌو درياهه جي مالڪي لاءِ ميدان تي نڪتل آهي ۽ اسان ان جي قيادت ۾ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي خلاف عوامي طاقت جو مظاهرو ڪنداسين.