سنڌ ۾ پاڻي کوٽ چئوڻ تي وڌي وئي، پيئڻ لاءِ به اڻلڀ

حيدرآباد (رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڀيانڪ شڪل اختيار ڪري وئي، گذريل اڍائي مهينن کان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نه ويو، ڪروڙين ماڻهن جي اُڃ اُجهائيندڙ  سنڌو درياهه پاڻ اُڃارو آهي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي نه وڃڻ ڪري ٺٽي ۽ سجاول ضلعي جي مختلف علائقن سميت ڊائون اسٽريم کان هيٺ ايندڙ علائقن جا لکين ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان آهن، سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي انسانن، جانورن، پکين ۽ ٻين جاندارن جو جياپو ڏکيو ٿي پيو آهي، ورهين کان درياهه ۾ پاڻيءَ بدران واريءَ اڏامي رهي آهي، واري جا دڙا ٺهيل آهن، پر هن وقت پاڻيءَ جي کوٽ سبب سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، آبپاشي کاتو اڳ ئي 50 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري چڪو آهي، پر سنڌ جي پاڻي ماهرن ۽ آبادگارن موجب سنڌ ۾ هڪ هفتي اندر ئي پاڻيءَ جي کوٽ 50 سيڪڙو کان به وڌي ويندي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته صورتحال انتهائي گهڻي خراب ٿيڻ واري آهي، آبپاشي کاتي جن ضلعن جي پاڻيءَ جي کوٽ سبب متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي انهن ضلعن سميت سکر بئراج کان هيٺ ٻيا به ضلعا پاڻيءَ جي شديد کوٽ جو شڪار ٿيندا، آبادگارن موجب تربيلا ۾ باقي 4 ڏينهن جو پاڻي وڃي بچيو آهي، جنهن مان به پنجاب پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي ويندو، سسٽم ۾ اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ هئي، پر برساتون گهٽ وسڻ جي ڪري اها کوٽ هاڻ چئوڻ تي وڌي وئي آهي، سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ پاڻي جو وھڪرو گذريل اڍائي مهينن کان مڪمل طور تي بند آهي ۽ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نه ويو آهي، آبپاشي کاتي پاران ڪالهه 6 مارچ تي جاري ڪيل پاڻيءَ جي انگن اکرن موجب سنڌ کي ارسا جي ٽي رخي فارمولي تحت ڪٽوتي ڪري 40 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي، اهو پاڻي انڊينٽ کان وهندو جڏهن گڊو بئراج تائين پهتو ته 28 هزار ڪيوسڪ وڃي بچيو ۽ گڊو بئراج تي پاڻيءَ جي کوٽ ڪالهه تائين 12 هزار ڪيوسڪ هئي، انگن اکرن موجب گڊو بئراج جو هيٺاهون وهڪرو 24 هزار ڪيوسڪ، سکر بئراج جو مٿاهون وهڪرو 24 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 6 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، ڪوٽڙي بئراج تي مٿاهون وهڪرو 5 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو ٻڙي آهي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ جنوري مهيني کان اڳ ئي پاڻي بند ڪيو ويو هو، جنهن ڪري ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ وارن علائقن جا لکين ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ به پريشان آهن، ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي سامونڊي پٽي کانسواءِ بدين ضلعي جي سامونڊي پٽي به ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه وڃڻ ڪري سخت متاثر ٿئي ٿي، سامونڊي پٽيءَ جي ويجهو وارن سمورن علائقن ۾ هن وقت پيئڻ جي پاڻيءَ جو به بحران شدت اختيار ڪري ويل آهي، سڄي سنڌ جو جر ته خراب ٿيل آهي، پر لاڙ پٽ جي علائقن جو جر وڌيڪ گهڻو خراب قرار ڏنل آهي ۽ صحت جا ماهر ان پاڻيءَ کي انتهائي هاڃيڪار قرار ڏئي چڪا آهن، ان ڪري ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ انساني جياپو ڏکيو ٿي پيو آهي، گڊو بئراج مان پاڻي جي کڻت 4 هزار ڪيوسڪ، سکر مان 17 هزار ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج مان 5 هزار ڪيوسڪ کڻت آهي، مجموعي طور تي سنڌ جي بئراجن مان 26 هزار ڪيوسڪ کڻت ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ته بلوچستان کڻت 25 سئو ڪيوسڪ ٻڌائي وڃي ٿي. دادو مورو پل تي پاڻي جي ليول، 112.2، منڇر ڍنڍ ليول 111.4 فوٽ، آمري پل گيج فٽ 99.0، ڪينجهر ڍنڍ 50.0 فٽ، چوٽياريون ڊيم ليول 18.0 فٽ، جڏهن ته ريني ڪينال ۽ بيگاري سنڌ فيڊر بند پيل آهن. گهوٽڪي فيڊر 2 هزار 2 سئو ڪيوسڪ، ڊزرٽ پٽ فيڊر 21 سئو ڪيوسڪ، بلوچستان کي گڊو مان 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو، کير ٿر ڪينال 14 سئو ڪيوسڪ، سکر بئراج مان گڙنگ بلوچستان کي 500 ڪيوسڪ، رائس ڪينال مڪمل بند پيل آهي، دادو ڪينال 4 سئو، نارا ڪينال 9 هزار 7 سئو، روهڙي ڪينال 4 هزار ڪيوسڪ، خيرپور ايسٽ 8 سئو، خيرپور ويسٽ 7 سئو، اڪرم واهه 17 سئو، ڪلري بگهاڙ فيڊر 27 سئو، پڃاري ڪينال 300 سئو ۽ ڦليلي گوني کي 3 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو، ياد رهي ته سنڌ جو آبپاشي کاتو ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، نواب شاھه، نوشھرو فيروز، خيرپور ميرس، سکر، مٽياري، ٺٽو، بدين، سجاول، ٽنڊو محمد خان سميت خاص طور سنڌ جي ڏکڻ ۽ لاڙ وارن علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڏُڪار واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.