اسلام آباد( م ڊ) وفاقي حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مطالبي تي سرڪاري آفيسرن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل پورٽل شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان ناڻي واري وزارت ۽ ڪابينا ڊويزن هڪ مسودو تيار ڪري ورتو آهي جيڪو آءِ ايم ايف کي جمع ڪرايو ويندو. وفاقي حڪومت موجب جديد ڊجيٽل پورٽل متعارف ڪرايو ويندو، جنهن تي سمورن آفيسرن کي پنهنجا اثاثا ظاهر ڪرڻا پوندا. حڪومت روينيو شارٽ فال کي پورو ڪرڻ لاءِ عدالتن ۾ التوا ۾ پيل ٽيڪس ڪيسن کي به جلد نبيرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ وزيراعظم آفيس مدد ڪندو. آءِ ايم ايف جي وفد سان بجلي ۽ گيس جي قيمتن، گردشي قرضن ۽ قومي اڪائونٽس سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون جاري آهن. ان حوالي سان چيو ويو ته سرڪاري آفيسرن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ جي مسودي تي وڌيڪ ڳالهيون ٿينديون ۽ حتمي مسودو آءِ ايم ايف وٽ جمع ڪرائڻ جو امڪان آهي.