ڪراچي(رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل عبدالرشيد سولنگي ۽ ٻين خلاف اينٽي ڪرپشن اختيارين جاچ شروع ڪري ڇڏي، ايس بي سي اي جي اختيارين کان رڪارڊ پڻ طلب ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب اينٽي ڪرپشن ايسٽ زون جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عابد قمر شيخ ايس بي سي اي جي ڊي جي کي ليٽر نمبر اي ڊي/ اي سي اي/ اي/ ڪي/ 272/2025/1389 ذريعي لکيو آهي ته صلاح الدين جي شڪايت موجب اڳوڻِو ڊي جي ايس بي سي اي عبدالرشيد سولنگي ۽ سندس فرنٽ مين، خالد جمالي، شهزاد آرائين، اشفاق کوکر، آصف رضوي ۽ عبدالسميع جلباڻي جعلي اين اوسيز، نقشن ۽ پلان جاري ڪرڻ واري غيرقانوني عمل ۾ ملوث رهيا آهن معاملي جي جاچ ڪئي وڃي جنهن تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اڳوڻي دي جي عبدالرشيد سولنگي ۽ هن جي فرنٽ مين طور ڪم ڪنڊڙن بابت ڊي جي ايس بي سي اي کان تفصيل گهري ورتا آهن ايس بي سي اي اختيارين کي چيو ويو آهي ته اڳُوڻي ڊي جي عبدالرشيد سولنگي جي دور ۾ پاس ڪيل نقشن، چالانن ۽ اين ايس اوز سميت گهربل رڪارڊ ڏنو وڃي ته جيئن جاچ وڌائي سگهجي، ياد رهي ته ايس بي سي اي جي اڳوڻو ڊي جي عبدالرشيد سولنگي ڪجهه ويرن ۽ بااثر شخصيتن جو من پسند هجڻ ڪري اهم کاتن ۾ سيڪريٽري طور به ذميواريون نڀائيندو رهيو آهي، ٻئي پاسي معلوم ٿيو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي انتظاميه رشيد سولنگي خلاف گهربل معلومات اينٽي ڪرپشن کي مهيا نه ڪري سگهي آهي ۽ اداري جا ذميدار معلومات ڏيڻ جي سلسلي ۾ ٽال مٽول کان ڪم وٺي رهيا آهن، ياد رهي ته رشيد سولنگي جو نالو اي سي ايل جي لسٽ ۾ شامل آهي.