جيسن گليسپي جا عاقب جاويد تي سنگين الزام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي موجوده هيڊ ڪوچ عاقب جاويد تي سنگين الزام لڳايا آهن.
جيسن گليسپي سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪندي لکيو ته عاقب جاويد واضح طور تي گيري ڪرسٽن ۽ منهنجي ساک کي نقصان پهچائيندو رهيو.
هن وڌيڪ لکيو ته عاقب جاويد سڀني فارميٽن ۾ ڪوچ بڻجڻ لاءِ سندن خلاف مهم هلائي، هو هڪ ”مسخرو“ آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي بيٽر گيري ڪرسٽن کي وائيٽ بال ٽيم ۽ اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر جيسن گليسپي کي ريڊ بال ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو هو.
پهريان گيري ڪرسٽن وائيٽ بال ٽيم جي ڪوچنگ تان استعيفيٰ ڏني ۽ پوءِ جيسن گليسپي به ريڊ بال ٽيم جي ڪوچنگ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.
ان کانپوءِ پي سي بي طرفان عاقب جاويد کي قومي وائيٽ بال ۽ ريڊ بال ٽيم جو عارضي هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.