غلام نبي ميمڻ ۽ عمران يعقوب منھاس سميت 36 آفيسرن جي ترقي

اسلام آباد(م ڊ) ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اعليٰ اختياري سليڪشن بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 36 آفيسرن کي گريڊ 21 مان گريڊ 22 ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي، پڌرائي موجب 21 کان 22 گريڊ ۾ ترقيون حاصل ڪرڻ وارن ۾ 19 آفيسرن جو تعلق پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس سان، 8 آفيسر پوليس سروس ۽ 9 آفيسر فارين سروس جا شامل آهن، پڌرائي موجب آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، عمران يعقوب منھاس، عبدالخالق شيخ، محمد زبير ھاشمي، محمد شھزاد سلطان، محمد طاھر سميت 9 پوليس جا آفيسر 22 گريڊ ۾ ترقيون ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا، 21ھين گريڊ جي سيڪريٽري وسيم چوڌري، عمرين رضا، علي طاھر، عثمان باجوا، محمد ھمير ڪريم، عطاالرحمان، مصدق خان، شڪيل منڱڻيجو سميت 19 آفيسر به 22 گريڊ ۾ اچي ويا، فارين سروس جي نسيم وڙائچ، رحيم حيات قريشي، عاصم افتخار، رضوان سعيد شيخ، احسن رضا شاھ، فيصل نياز تمريزي، نبيل منير، ثقلين سيدھ ۽ شفقت علي خان 22 گريڊ ۾ پروموشن ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.