اسلام آباد(ع آ نيوز) 3 مارچ سومر جي ڏينهن پاڪستان جي خانگي چينل ARY نيوز تي پرائم ٽائيم پروگرام آف دي رڪارڊ نشر ٿيو ته روايت جي ابتڙ پروگرام جي اينڪر ڪاشف عباسي نه پر چينل جو هڪ ٻيو اينڪر اشفاق ستي اسڪرين تي نظر آيو. نه رڳو ايترو پر پروگرام جي پڄاڻي تي 21 جنوري جي پروگرام ”آف دي رڪارڊ“ جي معافي پڻ گهري وئي ۽ ڪاشف عباسي جي بيان جو اعلان ڪيو ويو. اشفاق ستي چيو ته اڳوڻو پروگرام جيڪو 21 جنوري 2025 تي نشر ٿيو هو، جنهن ۾ ميزبان پروگرام جي شروعات ۾ پنهنجي ذاتي راءِ ڏني هئي، جنهن جو اداري سان ڪو به تعلق ناهي. ان جي باوجود جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته ان لاءِ ادارو معافي گهري ٿو. نه رڳو ڪاشف عباسي پر سنو نيوز جي اينڪر حبيب اڪرم ۽ سما ٽي وي جي سينيئر صحافي طلعت حسين کي به ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. بي بي سي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي طلعت حسين تصديق ڪئي ته کيس آف ايئر نه ورتو ويو پر هو ذاتي سببن جي ڪري پروگرام نه پيو ڪري. اهڙو اظهار هن بي بي سي سان ڳالهائيندي ڪيو .”منهنجي لاءِ اهو چوڻ بلڪل آسان هو ته مان اصل ۾ آف ايئر ٿي چڪو آهيان، ان سان توهان کي فوري شهرت ملي ٿي، بي بي سي توهان جو انٽرويو ڪري ٿو ۽ توهان خواه مخواه جو هيرو بڻجي ويا آهيو.ٻئي طرف سنو نيوز تان آف ايئر ٿيندڙ اينڪر حبيب اڪرم بي بي سي سان ڳالهه ٻولهه ۾ تصديق ڪئي ته هو آف ايئر آهي پر هن ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان حوالي سان بي بي سي سنو نيوز جي انتظاميا جو موقف به وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندن طرفان ڪو به جواب نه مليو. بي بي سي پڻ ڪاشف عباسي سان ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ساڻس ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي، جڏهن ته اي آر وائي طرفان 21 جنوري تي پروگرام ڪرڻ کان معذرت ڪندي ڪاشف عباسي جي بيان کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو. جيو نيوز جي اينڪر حامد مير جيڪو عمران خان جي دور ۾ آف ايئر هو، ان حوالي سان چيو ته جڏهن رياستي ادارا سڌو سنئون ايڪشن نٿا وٺي سگهن ته توهان کي آف ايئر ڪري ڇڏيندا آهن. بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته انهن (رياستي ادارن) کي پيمرا ذريعي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اڪثر مالڪ اهي آهن، جن کي پنهنجي ڪاروبار جا خدشا آهن. هاڻي بليڪ ميلنگ يا دٻاءُ سڌو سنئون صحافين تي ناهي، پر هاڻي مالڪن کي سندن ڪاروبار جي حوالي سان بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي.