جيڪب آباد(رپورٽ:حضور بخش سومرو) ٺل ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نصير شاخ وٽان نامعلوم هٿياربندن هٿان شڪارپور جي سوئي گيس جي انجنيئر عبدالقيوم، ٽيڪنيشن زاهد ابڙو،گارڊ اصغر نوناري کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا اطلاع تي بي سيڪشن پوليس پهچي وئي ۽ هٿياربندن جي ناڪابندي ڪئي پر هٿياربندن فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس موجب سوئي گيس جا عملدار سوئي گيس جي پائيپ لائين جي مرمت ڪرڻ لاءِ آيا هئا ته جتي هٿياربندن هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا ايس ايچ او بي سيڪشن موجب اسان کي ٽنهي ڄڻن جي اغوا جو اطلاع مليو آهي پوليس جي ناڪابندي ڪئي آهي ڪوشش آهي ته جلد مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي .