سنڌ جي پاڻي تي لڳاتار ڌاڙا پيا لڳن:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کولي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ  جي مذمت ڪندي فوري طور سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي،هن چيو ته پنجاب ۽ وفاق جو سنڌ سان رويو دشمني وارو آھي. تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کي غير قانوني طور کولي سنڌ جو پاڻي کنيو پيو وڃي. سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آھي. فصلن لاءِ پاڻي ناھي. پيئڻ جي پاڻي جي به کوٽ ٿي وئي آهي،هن چيو ته ارسا ۽ ڪرپٽ سنڌ جا حڪمران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن. چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن، اھي صرف ٻوڏ ۾ سنڌ جي اجازت سان کولي سگھجن ٿا پر سنڌ سان دوکو ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ دوران تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ڌاڙيل واھ کولي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي.سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي،هن چيو ته سنڌ دشمن منصوبن جا انتھائي خطرناڪ نتيجا نڪرندا. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي بقا جي مسئلي تي عملي طور احتجاج ڪن ۽ رستن تي اچن ۽ پنھنجي ھزارين سالن جي تھذيب سنڌو درياھ کي بچائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.