تل ابيب (ويب ڊيسڪ) جنرل هرزي حلوي جي جاءِ تي ليفٽيننٽ جنرل ايال ضمير اسرائيلي فوج جي 24هين سربراهه جو عهدو سنڀالي ورتو، جڏهن ته ميجر جنرل تاميريدائي کي نئين آرمي چيف جو نائب مقرر ڪيو ويو آهي.
16 فيبروري تي اسرائيلي ڪابينا ميجر جنرل ايال ضمير کي اسرائيلي ڊفينس فورس جو چيف اسٽاف مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.
اڄ هڪ تقريب ۾ ايال ضمير کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي چيف آف اسٽاف مقرر ڪيو ويو، تقريب ۾ وزيراعظم نيتن ياهو ۽ دفاعي اسٽيبلشمينٽ جي سمورن اڳواڻن شرڪت ڪئي.
واضح رهي ته ايال آءِ ڊي ايف جو ڊپٽي چيف، سدرن ڪمانڊ جو سربراهه ۽ وزيراعظم جو ملٽري سيڪريٽري رهي چڪو آهي.
You might also like